ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ”مسٽر پرفيڪشنسٽ“ عامر خان، گوري اسپريٽ سان پنهنجي لاڳاپن بابت انڪشاف ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب،عامر خان 14 مارچ تي 60 ورهين جو ٿي ويو آهي ۽ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن گوري اسپريٽ سان پنهنجي رشتي جي تصديق ڪئي.عامر خان ٻڌايو ته سندس گوري سان 25 سال اڳ ملاقات ٿي هئي، هاڻي هو پارٽنر آهن، هڪ ٻئي لاءِ گهڻو سنجيده آهيون ۽ ڏيڍ سال کان گڏ آهيون.صحافين سان ملاقات دوران هن چيو ته گوري سندس پروڊڪشن ڪمپني لاءِ ڪم ڪري ٿي، جڏهن ته هو روزانو گوري لاءِ ڪو نه ڪو گيت جهوگاريندو آهي. ڳالهه ٻول دوران دوران عامر خان گوريءَ لاءِ ” ڪڀي ڪڀي ميري دل ۾ خيال آتا هي“ گيت جون ڪجهه سٽون پڻ ڳايون عامر خان چيو مرڪندي چيو ته ”ڏسو مان سڄي حقيقت پاڻ بيان ڪئي آهي، مون گوري کي پنهنجي ممبئي واري گهر ۾ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان سان به ملرايو. “عامر پنهنجي 2001ع ۾ رليز ٿيل سپر هٽ فلم ”لگان“ جو حوالو ڏيندي کلندي چيو ته نيٺ ڀوَن ( فلم ۾ عامر خان جو ڪردار) کي سندس گوري ملي وئي،هن اهو به ٻڌايو ته گوري سان سندس دوستي کي ڊگهو عرصو ٿي ويو آهي، پر هن لگان ۽ دنگل جهڙيون گهٽ ڏٺيون آهن، پر هاڻي هوءَ بالي ووڊ فلمون ڏسڻ لڳي آهي شادي بابت ڳالهائيندي عامر چيو هو 60 ورهين جي عمر ۾ نه ٿو ڄاڻي ته کيس شادي ڪرڻ گهرجي يا نه، پر سندس ٻار تمام خوش آهن. هن چيو ته اڳوڻين گهروارن سان به سندس اخلاقي واٽ ۽ رشتو برقرار آهي، هو پاڻ خوش نصيب سمجهي ٿو.پرڏيهي ميڊيا موجب، گوري عامر جي پروڊڪشن هائوس سان واڳيل آهي ۽ ڏکڻ ڀارتي شهر بئنگلورو ۾ رهي ٿي، سندس پيءُ آئرش جڏهن ته ماءُ تمل آهي، هن جي پهريان شادي ٿي هئي ۽ هو ڇهن ورهين جي پٽ جي ماءُ آهي.