هاڻ يا ته امن ٿيندو يا ايران لاءِ وڏو سانحو: ٽرمپ جي ڌمڪي

0
20
هاڻ يا ته امن ٿيندو يا ايران لاءِ وڏو سانحو: ٽرمپ جي ڌمڪي
هاڻ يا ته امن ٿيندو يا ايران لاءِ وڏو سانحو: ٽرمپ جي ڌمڪي

واشنگٽن (م ڊ) ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هاڻ يا ته امن ٿيندو يا وري ايران لاءِ هڪ وڏو سانحو. آمريڪا جو مقصد ايران جي جوهري افزودگي جي صلاحيت کي ختم ڪرڻ هو ۽ اهي ٿاڪ تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته هدف سڀ کان ڏکيا هئا، ڪيترائي هدف اڃا به بچيل آهن، جيڪڏهن امن قائم نه ٿيو ته اسان ٻيهر صحيح نشاني سان انهن باقي هدفن ڏانهن وينداسين. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي دنيا جي نمبر هڪ رياست طرفان ايٽمي خطري کي روڪڻ ضروري هو، اڄ مان دنيا کي ٻڌائي سگهان ٿو ته فضائي حملا هڪ شاندار فوجي ڪاميابي آهي. سندس چوڻ هو ته مان اسرائيلي وزيراعظم جا ٿورا مڃان ٿو ۽ کيس مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، اسان هڪ ٽيم طور ڪم ڪيو ۽ اسرائيل کي درپيش خطري کي ختم ڪيو، اسرائيلي فوج جيڪو شاندار ڪم ڪيو آهي، ان تي به مان ٿورائتو آهيان.