لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا ڀارت سان بهتر لاڳاپا وقت جي ضرورت آهي پر ڀارت سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ بي جي پي حڪومت ۾ ناممڪن آهي، برطانوي اخبار دي ٽيلي گراف کي انٽرويو ڏيندي چيو ته واپاري لاڳاپا قائم ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن کي معاشي طور فائدو ٿيندو، ان جا بي پناهه فائدا ٿيندا پر نئين دهلي جو والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضو ان ۾ اهم رڪاوٽ آهي، عمران خان چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو ممڪن آهي پر بي جي پي جي حڪومت سخت آهي، ان جو ان معاملي تي قومپرستي وارو موقف آهي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مايوس ڪندڙ صورتحال آهي ته اوهان وٽ قرارداد لاءِ ڪوبه موقعو ناهي، ڇاڪاڻ هو قومپرستن جا جذبات ڀڙڪائيندا آهن ۽ هڪ ڀيرو قوم پرستي جو جن بوتل مان ٻاهر اچي ان کي واپس بوتل ۾ وجهڻ ڏکيو آهي، اسان اهو ڄاڻون ٿا ته ان وٽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ روڊ ميپ هجڻ گهرجي، عمران خان چيو ته پاڪستان کي ڀارت سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن ۽ پاڙيسري ملڪ والاريل ڪشمير بابت پنهنجي موقف تان پوئتي هٽي.عمران خان چيو ته جيڪڏهن آئون ٻيهر وزيراعظم بڻيس ته پاڙيسري ملڪن افغانستان، ايران، چين ۽ آمريڪا سان سٺا لاڳاپا قائم ڪندس، اسان کي ٻنهي ملڪن سان لاڳاپن جي ضرورت آهي، آئون نه ٿو چاهيان ته ٻيهر سرد جنگ جهڙي صورتحال پيدا ٿئي، جهڙي ريت اسان آخري سرد جنگ ۾ آمريڪا جا اتحادي هئاسين، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سڄو وچ ايشيا، افغانستان اسان کان پري ٿي ويو آهي، اهم فڪر ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان ڪيئن 12 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍندو. هن چيو ته ان جو بهترين حل اهو آهي ته اسانجا سڀني سان سٺا لاڳاپا هجن ۽ اسان سڀني سان واپار ڪريون ته جيئن پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪري سگهون.