هاڻي ڇا ڪرڻ گھرجي

0
44
هاڻي ڇا ڪرڻ گھرجي

  پاڪستان ۾  موجوده اتحادي حڪومت جي اقتدار کي اٽڪل ٻه مهينا پورا ٿي رهيا آھن، پر سياسي هل هنگامو جيڪو لڳ ڀڳ 2014ع ۾ شروع ٿيو هو، سو اڃا تائين ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. نون سالن جي هن عرصي ۾ پاڪستان جي سياستدانن تي هڪ ناتجريبڪار گروهه جهڙي طرح الزام لڳايا ۽ سندن مٽي پليد ڪئي، ان عمل دنيا ۾ ملڪ جي ساک کي وڏو ڇيهو رسايو آھيم جنهن جا نتيجا اڃا ڪجھه وقت اڳتي هلي  ڀيانڪ روپ ۾  سامھون اچڻ وارا آھن.

  ايوب خان، ڀٽو. ضيا، شھيد بينظير، نواز شريف ۽ مشرف جي حڪمراني ڪيتري به خراب چئي وڃي پر لاريب ته هنن عالمي سياست ۾  پنهنجو شخصي ۽ ملڪي  وقار ضرور قائم رکيو، جيڪو گذريل چئن سالن ۾ وڃي ٻُڙِيءَ تي بيٺو. عالمي سياست ڇڏيو پر ملڪي سطح تي آئيني عهدا رکندڙن آئين کي ئي عُضوِ معطل ڪري ڇڏڻ ۾  هچڪچاهٽ محسوس نه ڪئي ۽ پنهنجي ضمير کي زنده رکڻ ضروري ڄاتو. خبر ناهي ته مستقبل ۾ تاريخ ۽ علم سياسيات جا شاگرد پاڪستان جي گذريل چئن سالن جي سياسي دور کي ماضي جي آپيشاهي دورن سان ڪيئن ڀيٽيندا يا ان جو تقابلي جائزو ڪيئن تحرير ڪندا.

 علم سياسيات ۾ جمهوري نظام کي سٺو سڏڻ سان گڏ هڪ ابتر ۽ خراب نظام به سڏيو وڃي ٿو پر تاريخ، جمهوريت کي وري وري هڪ بهتر نظام قرار ڏيندي اچي ٿي، ۽ تاريخي شاهديون پاڪستان ۾ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اڄ به زور ڀري رهيون آھن ۽ اهو هڪڙو ئي رستو آهي جنهن سان ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته جمهوريت مستحڪم ڪيئن ٿيندي، ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو ۽ پاڪستان جي هن حال ۾ پهچڻ جا ڪهڙا سبب آھن؟

پنجهتر سالن جي تاريخ جا پنا اٿلائبا ته معلوم ٿيندو ته پاڪستان ۾ طاقت جو سرچشمو هتان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ رهندي آئي آھي. جڏهن ته آئين، ڌڻي سڳوري کي ۽ ڪجھه سياستدان وري عوام کي طاقت جو سرچشمو سڏيندا اچن ٿا جيڪي پڪ سمجھو ته زميني حقيقتن کان ڪوهين ڏور رهن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ سان ڌوڪو ڪن ٿا. ڪجھه  ماڻھن جي خيال ۾ وري پاڪستان اندر  سياسي طاقت جا ٽي محور آھن، سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽون ۽ عوام. خير،  طاقت جو محور ڪير به هجي پر هر ڌر جي ترجيح  ملڪ  جي ترقي هجڻ گھرجي. ڏٺو وڃي ته اڄ تائين ملڪي ترقيءَ جون وڏيون دعوائون ڪيون ويون آھن، جناح جي هن ملڪ کي اسلام جو قلعو بنائڻ جي دعوى، اسلامي اشتراڪي ملڪ بنائڻ ۽ نئين پاڪستان ٺاهڻ جي دعوى ۽  تبديلي جي سونامي آڻڻ جي دعوى پاڪستان جي ڪنهن به جوڳي ترقي جو سبب نه بڻجي سگهيون.  ملڪ کي اسلام جو قلعو ٺاهڻ لاءِ مورڳو رومن ڪيٿولڪ عيسائين جي اها دعا ته Benedictus Domminus Deus ” جيڪو هليو اچي ان تي خدا جي رحمت هجي“ وارو ڪم ڪيو ويو ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻھن کي اچي هتي رهڻ لاءِ چيو ويو، جنهن سبب ملڪ جي اصلي رهاڪن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ۽ هاڻي ته سڀ پاڪستاني ۽ خاص طور سنڌي ۽ بلوچ  پنهنجي اڪثريتي آبادي وڃائڻ جي خوف ۾ ورتل آھن. اسلامي اشتراڪي ملڪ بنائڻ واري چقمي به ڪم نه ڏيکاريو هتئون ملڪ جي industry  تباهه ٿي جيڪا اڄ تائين سنئين لِڱِئِين  سڌي نٿي سگهي آھي. باقي سونامي ته مورڳوئي ملڪ کي ڊانوانڊول ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ هينئر ذري گهٽ اچي پاڪستان ڏيوالي نڪرڻ تي بيٺو آھي. هاڻي جڏهن اهي سڀ تجربا ناڪام ٿيا ته پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڇا ڪجي. دراصل اهو ڪم ملڪ جي سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ جو هجڻ گھرجي پر ملڪ جي هر باشعور وطن پرست ماڻھو جو به فرض آھي ته هو ان سوچ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ ضيا حڪومت کي گذرئي پنجٽيهه سال ٿي چڪا آھن، جنهن مان اٺ سال فوجي آمريت ۽ باقي عرصو سِوِلين جمهوريت رهي آھي. پنجٽيهن سالن جو اهو سڄو عرصو خراب طرزِ حڪمراني جو شاهڪار دور شمار ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ اندر هڪ نئين نظام جنم ورتو جنهن کي سياسي اصطلاح ۾ هائبِرِڊ حڪومتي نظام سڏيو وڃي ٿو.

وري تاريخ ۾ اڃا وڌيڪ پوئتي جھاتي پائجي ٿي ته هڪ وڏو الميو اڳيان اچي بيهي ٿو، جڏهن پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو  ملڪ جي الهندي حصي کان جدا ٿي ويو هو. جنهن جو مطلب ته اصل گڙٻڙ ڪا ان وقت هئي جو اڪثريتي آبادي اقليت سان گڏ رھڻ گواره نه ڪيو. هاڻي اتي سوچڻ ۽ ڪجھ ڪرڻ جي جوابداري ملڪ جي ساڃھ وندن سان گڏ  اسان جي ٻنهي اسٽيبلشمنٽن تي به عائد ٿئي ٿي. ياد رهي ته ملڪي تاريخ ۾ اڪثريتي آبادي کي يعني ان وقت جي ڇھه ڪروڙ ماڻھن کي اسان غدار، غير ملڪي ايجنٽ ۽ ڪافر قرار ڏنو هو، ان هوندي به ملڪ بچي نه سگهيو ۽ پنهنجن ماڻھن کي مارڻ جو تجربو به مڪمل ناڪام ويو. هونئن به، ڪنهن ناڪام ٿيل تجربي کي وري وري نه دهرائبو آھي. آزمائي کي آزمائڻ ڌوڙ منهن ۾ پائڻ هروڀرو ته ڪونه چيو اٿن.

پنجهتر سالن ۾ جڏهن  مٿيان سڀ تجربا يعني آمريت جمهوريت، اشتراڪيت، اسلامي ۽ هائبرڊ نظام ناڪام ويا ته پوءِ وقت جي گهرج آھي ته وري زيرو کان ڪم شروع ڪجي جيئن ملڪ جو ڀلو ٿي سگهي. جڏهن سياست جي زيرو پوائنٽ تي وينداسون ته معلوم ٿيندو ته آزادي کان پوءِ  ڪجھه سياسي گروپن جن پاڪستان کي هڪ لبرل، سيڪيولر ۽ غير جانبدار ملڪ ٺاهڻ پئي چاهيو، تن جي سياسي معاشي يا سماجي صلاحن کي ٺڪرائڻ کان المياتي طور انهن کي ملڪ جي سياسي ڌارا کان ئي ڪٽي الڳ ڪيو ويو هو. ملڪ جي مذھبي ڌرين ۽ حڪمرانن وري ڪنڌ ورائي کانئن پڇيو به ڪونه ۽ نه ئي کين ٻڌڻ جي ٻيهر تڪليف گواره ڪئي. بلڪه اهڙن ماڻھن تي سياسي  گند اڇلايو ويو. سندن سياسي بصيرت، اخلاق ۽ ديانت تي ٽوڪون ڪيون ويون ۽ سندن خلاف غيراخلاقي ۽ شرمناڪ ٻولي استعمال ڪئي وئي. اهڙن سياستدانن فقط ٽي ڪم چيا هئا پهريون پاڪستان کي گهڻ قومي ۽ ثقافتي ملڪ  طور تسليم ڪرڻ، ٻيو مذھب جو رياستي ڪار وهنوار ۾ عمل دخل بند ڪرڻ ۽ ٽيون غير جاندار پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ. ايئن ڪرڻ ۾ ڪو هرج به ڪونه هو. دير يا سوير اڻ اعلانيل طور پاڪستان سندن صلاحن تي عمل پيرا ٿي چڪو آھي. هاڻي خالي دل جهلي رڳو سرڪاري سطح تي اهي ڳالهيون تسليم ڪرڻيون آھن. هاڻي جڏهن ايئن ٿئي پيو ته ان وقت به ڪرڻ ايئن گھرجي ها جو ڀائرن سان وري صلاح  ڪجي ها.

انهن کي پرچائجي ها يا سندن چيو مڃجي ها ۽ ملڪي ترقي ۾ مڙي مٺ ٿي ڪو حل ڪڍجي ها، پر انسان جڏهن ذاتي انائن جي ور چڙھي ويندو آھي ته بحران ۽ الميا جنم وٺندا آھن. ڌرين ۾ اهي تلخيون وڌنديون رهيون طاقت جي نشي ۾ حڪمران طبقو غلطين مٿان غلطيون ڪندو رهيو، تان ته ملڪ وڃي هن موڙ تي بيٺو آھي جتي خدشو آھي ته وري نه ڪي ٻيا نوان الميا جنم وٺن. پاڪستان جي تاريخ ته آھي ئي بحرانن ۽ المين جي تاريخ. المين جي ابتدا قرارداد مقاصد ۾ پاڪستاني عوام کي مسلم ۽ غير مسلم طور ورهائڻ سان شروع ٿي ھئي. جيڪا آزادي کان پوءِ حضرت قائداعظم جي ٻڌايل ۽ ڏيکاريل رستي کان بنھه مختلف هئي. غور سان ڏسجي ته معلوم ٿئي ٿو ته موجوده دور گذريل تاريخ جو يوم حساب آھي ۽ پاڪستاني عوام ماضي جي پنهنجي سياسي  اڪابرين جي ڪيل غلطين جا مجموعي طور ڪڙا نتيجا ڀوڳي رهيو آھي. تنهن ڪري ھن وقت ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ھڪ قومي ڪانگريس سڏائڻ جي ضرورت آھي جنهن ۾ ملڪ جي وفاقي ۽ مذھبي پارٽين سان گڏ صوبن جي حقن جي ڳالھه ڪندڙ  پارٽين کي به شامل ڪري گڏجي سڏجي پاڪستان جي تعمير ڏانهن وک وڌائجي. هن ڪم ۾ ملڪي اسٽيبلشمنٽ کي  اڳتي اچڻ جي ضرورت آھي جنهن عمل سان ملڪي يڪجهتي وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ پاڪستان ترقي ڪندو.

[email protected]