سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب خريف جا فصل گهٽ ٿيا آهن ۽ وڏي پيماني تي زرعي نقصان ٿيو آهي، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي به مسئلو اٿاريو پيو وڃي ۽ پاڻي جو مطالبو ٿيندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ سهڻو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب ۾ تيز برسات ٿي آهي، چناب درياهه ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ، هاڻي مجبور ٿي سنڌ کي پاڻي ڏيندا، جنهن تي عامر سپرو لکيو ته الله وٽ انصاف آهي، شاهنواز چانڊيو لکيو ته اوهان صحيح ٿا چئو پنجاب پاڻي روڪي ٿو، افتخار چانڊيو لکيو ته ايئن ئي ٻڏندا سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ زيادتي ڪن ٿا. نثار ٻرڙو، عبدالرحمان سومرو، عبدالقدوس سومرو، شبير احمد ۽ ٻين به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي.