اسلام آباد (م ڊ) عوام تيل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ کي ظالماڻو فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو، عوام جو چوڻ آهي ته تيل جي اگهن ۾ واڌ بعد هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي، ماڻهن جي اڳ ئي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وِجهڻ بدران رليف ڏئي، حڪومت کان تيل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.