پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته هلندڙ سال يونيورسٽي آف پشاور کي 50 ڪروڙ رپيا ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جيڪڏهن مان پئسا نه ڏيان ته منهنجي خلاف “اووو” ڪري احتجاج ڪجو، علي امين گنڊاپور نرسنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پئسا ڏيڻ باوجود جيڪڏهن ڪم نه ٿيو ته پوءِ مان توهان جي خلاف “ اووو” ڪري احتجاج نه ڪندس پر قلم هلائيندس، قانوني ڪارروائي ڪندس.