”هاڻي انقلاب جو امتحان آهي“ عمران خان جي نااهلي تي صحافي برادري جو رد عمل

0
115
هاڻي انقلاب جو امتحان آهي
”هاڻي انقلاب جو امتحان آهي“ عمران خان جي نااهلي تي صحافي برادري جو رد عمل

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) طرفان توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ تي صحافي برادري رد عمل ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي
اينڪر پرسن ۽ صحافي ڪامران خان عمران خان کي نااهل قرار ڏيندي لکيو ته ”نواز شريف، آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني تي به توشه خانه ڪيس آهن

ڪامران خان لکيو ته شهباز شريف خاندان خلاف ڪروڙين ڊالرن جا مني لانڊرنگ ڪيس آهن، آصف زرداري خلاف 5 نيب ريفرنسز آهن، پر اهي سڀ ۽ انهن جي صفن ۾ ٻيا ڪيترائي ماڻهو اڄ اقتدار ۾ آهن يا ڪنگ ميڪر آهن، اڄ اليڪشن ٿي رهي آهي، اڄ اليڪشن ڪميشن عمران خان جا سياست لاءِ در بند ڪري ڇڏيا
سينيئر صحافي طلعت حسين لکيو ته عمران خان توشه خانه ۾ نااهل ٿيو آهي، هاڻي انقلاب جو امتحان آهي، هن وقت فواد چوڌري ۽ شهباز گل اڳواڻي ڪري رهيا آهن

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عمران خان جي نااهلي تي ردعمل ڏيندي صحافي عمران رياض لکيو ته جنهن ملڪ ۾ مريم نواز جهڙا ماڻهو سچا، نواز ۽ زرداري ايماندار هجن اتي عمران خان جهڙن بي ايمان ماڻهن جي ڪا به جاءِ ناهي

اينڪر پرسن سميع ابراهيم لکيو ته لانگ مارچ ۽ احتجاج بغير اعلان جي شروع ڪيو ويو، اڃا سوچڻ جو وقت آهي، پنهنجي قوم سان وڙهندي ڪير به کٽي نٿو سگهي

صحافي احمد نوراني لکيو ته سياستدانن کي ادارن ذريعي نااهل ڪرڻ جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي

هن لکيو ته ڪير سياستدان صحيح ۽ ڪير غلط، اهو فيصلو ڪرڻ عوام جو ڪم آهي، شرم ڪريو ان کان اڳ جو ملڪ ۾ ڪجهه به نه بچي
صحافي شاهزيب جيلاني لکيو ته ننڍي چونڊ ۾ 6 سيٽون کٽي پنهنجي مقبوليت جو ثبوت ڏيندڙ عمران خان کي اليڪشن ڪميشن ڪاميابي جي 5 ڏينهن بعد نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

صحافي وقار ستي لکيو ته عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جو متفقه فيصلو آزاد ۽ منصفاڻو عمل آهي

وقار ستي لکيو ته عمران خان کي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو حق آهي، فيصلي ثابت ڪيو ته ادارا مڪمل طور تي غير جانبدار ۽ نيوٽرل آهن

ھي به پڙھندا

توشه خانه ڪيس: عمران خان نااهل قرار

پي ٽي آءِ طرفان عمران خان جي نااهلي وارو فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان

پاڪستان جو پهريون سرٽيفائيڊ ڪوڙو نااهل ٿيو: مريم نواز جو ردعمل

عمران خان نااهل قرار: پي ٽي آءِ جا مظاهرا: پوليس سان چڪريون

عمران خان خلاف رڳو هڪ فيصلو ٿيو آهي، ٻيا فيصلا به ايندا: بلاول ڀٽو