نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) هاڪڙي درياهه جا قدرتي لنگهه بحال نه ٿيڻ سبب امڪاني برساتن سبب ٽن ضلعن جا علائقا ٻڏڻ جو خطرو، ڪامورن جا هاڪڙي درياهه جا لنگهه بحال ڪري، بند مضبوط ڪرڻ وارا واعدا هيل به وفا نه ٿيا، خبر موجب قدرتي وهڪري هاڪڙي درياهه جا قدرتي لنگهه بحال نه ٿيڻ ۽ ان ۾ ڏنل هٿرادو بند نه هٽڻ ڪري گذريل سالن دوران ميرپورخاص ڊويزن جي ٽن ضلعن جا علائقاسخت متاثر ٿيا هئا، هاڪڙي درياهه جا وهڪرا بحال نه هجڻ ۽ بند ڪمزور هئڻ ڪري ٻوڏ وڏي تباهي مچائي هئي، گذريل سالن دوران  هاڪڙي درياھه سبب ضلعي عمرڪوٽ جا صوفي فقير، ڪنري، نبي سر  ٿر، نھٽو، ٽالهي شھر سميت ڪيترائي ڳوٺ ۽ لکين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي هئي، جڏهن ته ميرپورخاص ضلعي سان لاڳاپيل تعلقي جهڏو جي شھر نئون ڪوٽ سميت ڳوٺ رحيم خان نوتڪاڻي، ڳوٺ پنجو چانڊيو، ڳوٺ ٻڍو چانڊيو، مولي ڏنو چانڊيو، ڀورو کوسو سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ۽ لڳ ڀڳ 40 هزار ايڪڙ زرعي زمين ٻڏي وئي هئي، ۽ هوڏانهن ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڪلوئي جا بئراجي علائقا سنتورو فارم، مير وقار ڪالوني، درگاهه راضي شاهه لڪياري، نئون ڪوٽ گرڊ اسٽيشن، ڳوٺ اوڀايو چانڊيو، قاضي چانڊيو، سيد نور شاهه، نصير هڱورجو، رحمان آباد، شڪوريا آباد سميت 40 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ لڳ ڀڳ 55 هزار ايڪڙ زرعي زمين ٻڏي وئي هئي، ٻوڏ سبب هزارين خاندان بي گهر ٿي روڊ ڪنارن ۽ ٿر جي ڀٽن تي پناهه ورتي هئي، هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال، پکي، جانور پڻ مري ويا هئا ۽ اربين رپين جو پوکيل فصل پڻ ٻڏي ويو هو، جڏهن ته سال 2020ع ۽ 2022ع ۾ هاڪڙي دريا ۾ برساتي پاڻي جي چاڙهه سبب آيل ٻوڏ سبب ڄاڻايل ٽنهي ضلعن ۾ وڏي تباهي آندي هئي، جنهن دوران حڪمران ڌر جا وزير ۽ چونڊيل نمائندن هتان جي رهواسين کي خاطري ڪرائي هئي ته هاڪڙي جي قدرتي وهڪري کي ايل بي او ڊي اسپائنل ڊرين جي آر ڊي 261 وٽان بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي بحال ڪري هتان جي علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو ويندو، مگر ان جي بحالي لاءِ پنجن سالن بعد ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي، هاڪڙي جا وهڪرا بحال نه هئڻ ۽ بند ڪمزور هئڻ ڪري هيل به ڄاڻايل  علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو برقرار آهي.

هاڪڙي جا لنگهه پراڻ ڍوري ۽ شڪور ڍنڍ سان ملائڻ وارا وعده وفا نه ٿيا

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ هاڪڙي درياهه جي قدرتي وهڪري جي بحالي ۽ هٿرادو ڏنل بندن کي هٽائڻ لاءِ اختيارين ڪوبه تحرڪ نه ورتو، هاڪڙي درياهه جا لنگهه بحال ڪري پراڻ ڍورو شڪور ڍنڍ سان ملائڻ واريون ڪامورن جو دعوائون سچ ثابت ناهن ٿيون، هاڪڙي درياهه جا بند مضبوط ڪري ايل بي او ڊي جي آر ڊي 261 وٽان هٿرادو بند هٽائي پراڻ ڍورو سان ملايو وڃي ته جيئن هي علائقا هر سال جيان ٻڏڻ کان بچي سگهن، ان ڏس ۾ مقامي آبادگارن ۽ رهواسين سڪندر علي چانڊيو، لطيف چانڊيو، موسي احمداڻي، عثمان هالو ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته گذريل سالن دوران  آبپاشي وزير ڄام خان شورو ٻوڏ دوران ايل بي او ڊي ۽ هاڪڙي جي دوري دوران چيو هو ته اسان جلد قدرتي وهڪري هاڪڙي درياھ جي بحالي جو ڪم شروع ڪنداسون جنهن کي هاڻي هڪ سال پورو ٿي رهيو آهي پر هاڪڙي درياهه جي قدرتي لنگهه جي بحالي جو ڪم شروع نه ٿيو آهي، علائقي واسين کي خوش ڪرڻ لاءِ گذريل سال نالي ماتر هاڪڙي جي ڪپن تي مٽي سان بند ڏنا جيڪي معمولي برساتن سبب لڙهي وڃڻ بعد ٻيھر انهن بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڊرينج انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو.

 

ٺيڪيدارن کان ونگار ۾ ڪجهه هنڌن تي بند مضبوط ڪرايا آهن: ايگزيڪيوٽو انجنيئر

نئون ڪوٽ: هاڪڙي جي قدرتي لنگهن جي بحالي ۽ ايل بي او ڊي جي بحالي بابت ڊرينج بدين ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر ضمير ڏيرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن سال بندن تي نئون ڪم شروع ناهي ناهي ٿي سگهيو، اسان ٺيڪيدارن کان ونگار ۾ صرف مخصوص جڳھن تي بند مضبوط ڪرائي رهيا آهيون.