نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارو خان نهڙيو) نئون ڪوٽ وٽان گذرندڙ هاڪڙي درياھ جا قدرتي وهڪرا بحال ٿي نه سگهيا آهن، جنهن ڪري علائقي واسين جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي. ماضي ۾ علائقي واسين لاءِ پاڻي نيڪال جو اهم ذريعو بڻيل هاڪڙو ڍورو انتظامي بدديانتي سبب آفت بڻجي ويو، برسات جي موسم ۾ ڳوٺن ۽ زرعي زمينن کي ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي، رهواسين چنيسر چانڊيو، سڪندر علي، امجد علي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڊرينج انتظاميا هاڪڙو ڍورو بحال ڪرڻ بدران ڪلوئي تعلقي جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ هزارين ايڪڙ زرعي زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب برساتن جي موسم ۾ ڳوٺن ۽ زرعي زمينن کي ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي. علائقي واسين موجب هر سال هاڪڙي ڍوري جي بندن لاءِ ڪروڙين رپين جي بجيٽ رکجي ٿي، پر اها رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي. گذريل سال بندن کي ڪيترن ئي هنڌن تان گهارا پيا، جنهن سبب وڏي تباهي آئي، پر ان جي باوجود هن سال به بندن تي ڪو به مرمتي ڪم ناهي ٿيو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڊرينج انتظاميا کي ڪافي ڀيرا گنديون لڳائڻ لاءِ شڪايتون ڪيون ويون، جن تي جواب ڏنو ويو ته اسان وٽ بجيٽ ۾ پئسا ناهن . علائقي واسين وزير آبپاشي کان مطالبو ڪيو آهي ته صورتحال جو نوٽيس وٺي ڊرينج انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ هاڪڙو ڍوري جي فوري بحالي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ايندڙ برساتن ۾ ڪا نئين تباهي سامهون نه اچي.