لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ چيو آهي ته اسان نِيشنز ڪپ لاءِ بهترين تياريون ڪيون آهن ۽ هو سٺي ڪارڪردگي جي اميد رکي ٿو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عماد بٽ ٻڌايو ته نِيشنز ڪپ، هاڪي جي پرو ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هڪ اهم ڪواليفائنگ رائونڊ آهي، جيڪو ملڪ ۾ هاڪي جي بحالي لاءِ به نهايت ضروري آهي.عماد بٽ شڪايت ڪئي ته پرڏيهي رانديگرن جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رانديگرن کي تمام گهٽ سهولتون ملي رهيون آهن.هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هاڪي فيڊريشن لاءِ فنڊ وڌايو وڃي.هن اها تجويز به ڏني ته پاڪستان ۾ هاڪي لاءِ به پي ايس ايل طرز جي هڪ ليگ هئڻ گهرجي، ڇو ته جيترو رانديگر هاڪي کيڏندا، اوترو ئي سندن ڪارڪردگي بهتر ٿيندي.ڪپتان جو چوڻ هو ته رڳو فتح ئي پاڪستان جي هاڪي کي بحال ڪري سگهي ٿي ۽ راندين سان محبت ڪندڙ ماڻهن سان شڪايت آهي هو صرف ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪن ٿا، جڏهن ته ٻين راندين خاص طور هاڪي توهان جي سپورٽ گهرجي.