هانگ ڪانگ (م ڊ) هانگ ڪانگ ۾ برساتن جو 140 سال پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، جنهن سان زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ چين ۾ رڪارڊ برساتون پيون آهن.برطانوي خابرو اداري بي بي سي موجب هانگ ڪانگ ۾ سخت برساتن سبب هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻوڏ سبب روڊ وهي ويا ۽ ٽرينن سميت سموري ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هانگ ڪانگ ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري اسڪول، آفيسون، ڪاروبار به بند ڪيا ويا آهن. موسميات کاتي موجب هانگ ڪانگ م خميس تي ٿيل هڪ ڪلاڪ جي برسات ۾ 70 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن تقريبن 140 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.