ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره هاميه عامر اڄ ڪلهه مداحن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي، سندس ڊرامي “ڪڀي مين ڪڀي تم” شاندار ڪاميابي ماڻي آهي ۽ مداحن سندس ان پراجيڪٽ بعد ٿيندڙ ملاقاتن ۽ انٽرويوز کي تمام گهڻو ساراهيو آهي، هانيه عامر نه رڳو پنهنجي فن سبب مشهور آهي پر اها پنهنجي گهر جي واحد ڪفيل به آهي، اداڪاره پنهنجي والده ۽ ننڍي ڀيڻ جو اڪيلي خيال رکندي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس پنهنجي فالوورز کان سدائين عزت ۽ محبت ملي آهي، هاڻي هوءَ ملڪ جي سڀ کان وڏي عورت اسٽار مڃي ويندي آهي، هانيه عامر جي ننڍي ڀيڻ عيشه عامر پرڏيهه ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي، هانيه اڪثر پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ ويندي آهي ۽ ساڻس گڏ وقت گذاريندي آهي، تازو ئي عيشه عامر جون ڪجهه خوبصورت تصويرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيون ويون آهن، جن مداحن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي، هانيه جا مداح هاڻي سندس ننڍي ڀيڻ عيشه کي به شوبز پراجيڪٽس ۾ ڏسڻ جا خواهشمند آهن، انهن وائرل تصويرن نه رڳو سندس فالوورز ۾ اضافو ڪيو آهي پر سندس شهرت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عيشه مستقبل ۾ شوبز انڊسٽري جو حصو بڻجي ٿي يا نه.