ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور پوڊڪاسٽر اداڪاره هانيه عامر طرفان انٽرويو لاءِ وڏو معاوضو طلب ڪرڻ جو دعويٰ ڪئي آهي.ويجهڙ ان پوڊڪاسٽر هڪ پروگرام ۾ شرڪت دوران انڪشاف ڪيو ته هن هانيه عامر کي پنهنجي پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني هئي، جنهن تي اداڪاره کائنس 20 لک رپيا معاوضو طلب ڪيو.پوڊڪاسٽر جو چوڻ هو ته هن اڄ تائين 400 کان 500 پوڊڪاسٽ رڪارڊ ڪيا آهن، پر ڪڏهن به ڪنهن فنڪار کي انٽرويو لاءِ معاوضو ناهي ڏنو، تنهنڪري هن هانيه عامر جي مطالبو تي سوچيو.هن چيو ته انڊسٽريءَ ۾ سڀ فنڪار برابر آهن، ڪو به وڏو يا ننڍو ناهي، ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي معاوضو نه ڏنو ويو ته هانيه عامر کي به نه ملڻ گهرجي.ياد رهي ته هانيه عامر پنهنجي انوکن ڪردارن سبب پاڪستان سميت به مشهور حاصل آهي، پر هوءَ گهڻن انٽرويوز ۾ نظر نه ايندي آهي، سندس ڌيان گهڻو ڪري اشتهارن، ماڊلنگ ۽ ڊرامن تي هوندو آهي.