ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) خانگي ٽي وي چينل اي آر واءِ تان من مهڻي اداڪارا هانيا عامر ۽ نامياري اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ تنيو جو نئون ڊرامو ”ڪڀي مين ڪڀي تم“ ڏيکاريو ويندو. ڊرامي جي سينئر ڪاپي ايڊيٽر م ش خ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب خوبصورت ڊرامو ڪڀي مين ڪڀي تم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته محبت لاءِ انسان کي بدلجڻو پوندو آهي پر جيڪڏهن ساٿي مخلص هجي ته عام شخص به ڪامياب ٿي سگهي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ ان سوچ جي عڪاسي ٿيل آهي. هن ڊرامي جي ڪهاڻي شرجينه ۽ فهد مصطفيٰ جي چوڏس گهمي ٿي. فهد هڪ ڊگهي مدي کان پوءِ ڊرامي ۾ هيرو طور اچي رهيو آهي. ٻين اداڪارن ۾ جاويد شيخ، بشريٰ انصاري به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊرامي ۾ يوسف بشير، عماد عرفاني، علي خان کي به ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ڊرامو فرصت اشتياق لکيو آهي ۽ هي سومر ۽ اڱاري جي رات 8 وڳي اي آر واءِ ڊجيٽل تان نشر ڪيو ويندو.