ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ليجنڊ ول سمٿ ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه کي انسٽاگرام تي فالو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن تي دلجيت جا مداح خوش ٿي ويا. ول سمٿ 1992 کان بالي ووڊ ۾ سرگرم آهي ۽ مين ان بليڪ، اينيمي آف اسٽيٽ، دي پرسيوٽ آف هيپي نيس ۽ ڪنگ رچرڊ جهڙين مشهور فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. آمريڪي اداڪار جا انسٽاگرام تي 70 ملين کان وڌيڪ فالوئر آهن ۽ هو رڳو 276 ماڻهن کي فالو ڪندو آهي، جن ۾ دلجيت به شامل آهي.