لاس اينجلس (شوبز نيوز) 97هين آسڪر ايوارڊ جي تقريب آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ ڊولبي ٿيٽر ۾ منعقد ڪئي وئي، آسڪرز جي 23 مختلف ڪيٽيگريز لاءِ ٿيل مقابلن مان 5 ڪيٽيگريز ۾ فلم “انورا” 3 ڪيٽيگريز ۾ فلم “دي بروٽلسٽ”، جڏهن ته فلم “وڪڊ، اميليا پيرز ۽ فلم ڊيون پارٽ ٽو 2، 2 ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊز پنهنجي نالي ڪيا، سڀ کان وڌيڪ آسڪر ايوارڊ کٽڻ واري فلم “انورا” کي بهترين فلم، بهترين هدايتڪار، بهترين اداڪاره، بهترين ايڊيٽنگ ۽ بهترين اوريجنل اسڪرين پلي جي ڪيٽيگري ۾ ايوارڊز ڏنا ويا، ٻئي طرف ايڊرين بروڊي کي بهترين اداڪار اوارڊ فلم “دي بروٽلسٽ” ۾ اداڪاري تي ڏنو ويو.