لاس اينجلس(شوبز نيوز) هالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ۽ مقبول آمريڪي سيريز ”ٽوائي لائيٽ“ جي مک هيروئن ڪرسٽن اسٽيورٽ پنهنجي گرل فرينڊ ڊيلن ميئر سان شادي ڪري ڇڏي. ڪرسٽن اسٽيورٽ دوست ڊيلن ميئر سان آڪٽوبر 2019 ۾ انسٽاگرام تي پنهنجي رشتي جي تصديق ڪئي هئي، جڏهن ته 2021 ۾ ان جوڙي پنهنجي مڱڻي جو اعلان ڪيو هو. ڪرسٽن اسٽيورٽ جي ڊيلن ميئر سان شادي جي تقريب ايسٽر جي موقعي تي آچر 20 اپريل تي لاس اينجلس ۾ ٿي. شادي تقريب ۾ ان جوڙي جي گهر ڀاتين ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل هفتي ڪرسٽن ۽ ڊيلن عدالت مان باقاعدي ميريج لائسنس به حاصل ڪيو هو.