ايمسٽرڊيم (م ڊ) هالينڊ ۾ پهريون ڀيرو مسلمان پناهگير عورت وزيراعظم ٿيڻ جي ويجهو پهچي وئي آهي. ايندڙ اربع تي هالينڊ۾ وزيراعظم جي چونڊ ٿي رهي آهي،جنهن لاءِ مسلمان عورت اميدوار به ميدان م آهي، جنهن جي ڪاميابي جا چٽاامڪان آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ستن سالن جي ڄمار ۾ والدين سان گڏ يونان جي پناهگيرن جي ٻيڙي تي خطرناڪ سفر ڪري هالينڊ پهچندڙ ڊيلن يسيل گوز ملڪ جي مستقبل جي وزراعظم بڻجي سگهي ٿي. 46 ورهين جي ڊيلن يسيل گوز انصاف بابت وزير به رهي چڪي آهي، 2017 کان 2021ع دوران پارلياماني ميمبر به رهي چڪي اهي ۽ اسٽيٽ سيڪريٽري طور اقتصادي معاملن ۽ ماحولياتي پاليسي جون خدمتون به سر انجام ڏئي چڪي آهي. ڊيلن يسيل گوز ترڪيه جي راڄڌاني انقره ۾پيد اٿي، سندس امڙ ترڪ نسل جي جڏهن ته پيءُ ڪرد هو. هوءَ هالينڊ جي راڄڌاني ايمسٽرڊيم ۾ وڌي وڏي ٿي ۽ تعليم پرائڻ بعد سياست ۾ قدم رکيائين.