هالا(ن پ ا) ھالا گورنمينٽ سروري اسلاميا ڊگري ڪاليج جي ليب اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريڪٽيڪلن جو بائيڪاٽ ڪري ليب کي تالا ھڻي احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، گورنمينٽ سروري اسلاميا ڊگري ڪاليج ھالا جي ليب اسٽاف کي اپگريڊ نه ڪرڻ ۽ ھڪ کان 4 گريڊ جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف يارھين ۽ ٻارھين درجي جي پريڪٽيڪلن جو بائيڪاٽ ڪري ليب کي تالا ھڻي ڇڏيا، احتجاج ڪندڙ بلاول احمداڻي،فياض ٻڍاڻي، مراد علي لغاري، ممتاز شورو، حبيب الرمان ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ ھو ته حڪومت پاران اسان جا جائز مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن انڪري يارھين ۽ ٻارھين درجي جي پريڪٽيڪلن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ليب کي تالا ھڻي ڇڏيا آھن،ھنن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاھ کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ليب اسٽاف ۽ ھڪ کان چار گريڊ جي ملازمن کي فوري طور ٽائيم اسڪيل ڏئي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن بند پيل تعليمي نظام ٻيھر بحال ٿئي.