ھالا(ن پ ا) ھالا ڀرسان ڳوٺ وي جي رھواسي ڀچا برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن جو ڊي ايس پي ھالا جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙ مسمات ڀاڳل، مسمات حسينا، شيراز علي ڀچو ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته ڊي ايس پي ھالا بااثر احمد پاٽولي جي چرچ تي ڏھه لک رپيا رشوت وٺي اسان جي ٽن مردن رفيق ڀچو، ڄام ڀچو ۽ حاجي ڀچو کي مٽياري ڪورٽ شنوائي تي ويندي رستي مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته احمد علي پاٽولي ارشاد پاٽولي وارن سان زمين جو معاملو ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو، جيڪو عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو، جنھن بعد بااثر احمد علي پاٽولي مڇرجي پوليس کي رشوت ڏئي پنھنجن ماڻھن سان گڏ اسان جي مردن کي کنڀي نامعلوم ھنڌ گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جو اسان کي ڪو به ڏس پتو ناھي،احتجاج ڪندڙن چيو ته جوابدار احمد علي پاٽولي بااثر ھجڻ ڪري اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي، احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل رفيق ڀچو، ڄام ڀچو ۽ حاجي ڀچو کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.