ھالا (ن پ ا ) ھالا ڀرسان ڳوٺ جمال ڏاھري ۾ ھڪ ھفتو اڳ قتل ٿيل پرائمري استاد جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو. مشتاق ڏاھري، امان الله ڏاھري، اياز ڏاھري، ڌڻي پرتو ڏاھري ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته بيدردي سان قتل ٿيل پرائمري استاد الھرکيو جي قتل کي ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود پوليس قاتل گرفتار ناھن ڪيا، پوليس جوابدارن جي پٺڀرائي پئي ڪري، هنن چيو ته جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. اڳواڻن چيو ته استاد الھرکيو ڏاھري جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.