هالا(رپورٽ: عبدالغفور ميمڻ) هالا جي واپڊا اسڪارپ ڪالوني ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٽيوب ويل ون ۽ ٽو تي گريڊ هڪ کان چار جي 123خالي جڳهين تي ڀرتي لاءِ انٽرويو ورتا ويا. ڊرائيور، ٽيوب ويل چوڪيدار، بيلدار، چوڪيدار، ڪولي بيلدار، آفيس چوڪيدار ۽ نائب قاصد جي سيٽن تي ڀرتي ٿيڻ لاءِ هالا، مٽياري، ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور سان تعلق رکندڙ 8 هزار کان وڌيڪ بيروزگار نوجوان ڪاغذن سان گڏ صبح سوير انٽرويو ڏيڻ لاءِ پهتا، ايگزيڪيوٽو انجنيئر رياض ڀرڳڙي، ايس اين ڊي جي سيڪشن آفيسر فتح علي راهمون، مختيار ڪار هالا نصر الله چاوڙو، ايڪسيئن ٽيوب ويل ٽو فيصل احمد راڄپر جن اميدوارن جا تعليمي سرٽيفڪيٽ چيڪ ۽ جنرل ناليج متعل سوال جي و جواب ڪندي انهن کان شام دير تائين انٽرويو ورتا. اميدوارن جي تمام گهڻي رش هجڻ سبب وقتن به وقتن اسڪارپ عملدارن ۽ اميدوارن ۾ جهيڙو هجڻ سبب ڪافي ڀيرا ٽيم ۾ شامل عملدارن ٽيسٽ وارو عمل پڻ روڪيندا رهيا. جڏهن ته مذڪوره ڀرتي وارو عمل سڀاڻي (اڄ) به جاري رهندو.