ھالا )رپورٽ: اڪرم کوکر( هالا ۾ هٿياربند ڊاڪٽر جي نوجوان ڌيءُ انٽر جي شاگردياڻي اغوا ڪري ويا، 4 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب هالا جي طالب الموليٰ ڪالوني مان ڏندن جي ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ جي نوجوان ڌيءُ يارھين ڪلاس جي شاگردياڻي ارادت البتول عرف عشب ميمڻ کي 4 هٿياربند گهر ۾ گهڙي ڀاتين کي يرغمال بڻائي اغو ڪري ويا، ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ جي فرياد تي نوجوان ناري جي اغوا جو ڪيس ذوالفقار سيال، مظھر چانڊيو سميت ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان ھالا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي،فريادي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدار ذوالفقار سيال، مظھر چانڊيو ۽ ٻن نامعلوم هٿياربندن گھر ۾ گھڙي گهرڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي انھن کان 3 موبائيل فونز ڦر ڪندي 15 سالا ناري ارادت بتول عرف عشب ميمڻ کي هٿيارن جي زور تي زبردستي ڪرولا ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ارادت بتول عرف عشب ميمڻ ۽ جوابدار مظھر چانڊيو جي ڀيڻ مديحه چانڊيو ٻئي گڏ حيدرآباد ۾ پڙھنديون ھيون جنھن ڪري انھن سان اسان جي گھرو اچ وڃ پڻ ھلندڙ آھي، مبينا اغوا ڄاڻايل ناري جي وارثن مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري طور ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ناري کي بازياب ڪرايو وڃي،ٻئي پاسي ھالا پوليس موجب اھڙي واقعي جو ڪيس ناري جي والد ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ جي فرياد موجب داخل ڪيو ويو آھي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون،آخري اخلاعن تائين گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي. هوڏانهن پي ٽي آءِ سنڌ جي سينئر نائب صدر مخدوم محسن ناري جي مبينا اغوا بابت ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته 15 ورھين جي 11 ڪلاس جي شاگردياڻي ارادت البتول ميمڻ جي اغوا جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي پر انتظاميا اگھور ننڊ ستل آھي جيڪڏهن عوامي اتحاد يا سول سوسائٽي جا اڳواڻ ڪو احتجاج ڪن ٿا ته ان ۾ پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ رھندو