مٽياري/ھالا(رپورٽر+ن پ ا) حڪومت پاران هارين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ هالا جي اڳواڻي ۾ ھالا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ۾ مرڪزي مسلم ليگ جي اڳواڻن،سماجي اڳواڻن،آبادگارن، ۽ ھارين سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاھرين شفيع محمد بروهي، حافظ شڪيل احمد ڪاڪا عبدالحڪيم راهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرين احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت پاڪستان پاران هٿ وٺي زراعت کي تباھه ڪيو پيو وڃي،آبادگارن لکين روپيا قرض کڻي محنت ۽ جفاڪشي سان فصل پوکين ٿا، پر لاڀ وقت حڪومت اگھه گھٽايو ڇڏي، جنهن سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، ھنن چيو ته مارڪيٽ ۾ بليڪ تي وڪرو ٿيندڙ ڪلر ٻج ۽ نقلي دوائن هارين کي خدڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ڪلر ٻج ۽ ڀاڻ جا اگھه چوٽ چڙھيل آھن، پر لاڀ وقت ريٽ ڪريل ھوندا آھن، ھنن حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪندي چيو ته هارين کي ڀاڻ دوائون ۽ فصل ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيو مٽيريل سستي اگھه ۾ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.