ھالا(ن پ ا) هالا پوليس پاران رند برادري جي پورھيت نوجوان کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس وارثن سميت ڳوٺاڻن ھالا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ھالا پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڳوٺ فقير نوح ھوٿياڻي جي رھواسي ڳوٺاڻن علي بخش رند، آفتاب احمد نوح پوٽو، پير بخش رند، شفيع محمد رند ۽ ٻين جي اڳواڻئ ۾ احتجاج ڪندڙن چيو ته عيد کان ڪجھ ڏينھن اڳ ايس ايچ او ھالا عيد جي خريداري ڪرڻ لاءِ آيل اسان جي پورهيت نوجوان ممتاز علي رند کي ھالا شھر مان کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، ھنن پوليس مٿان الزام ھڻندي چيو ته پوليس نوجوان جي آزادي لاءِ پنج لک رپيا رشوت طلب ڪئي آھي، جيڪا رشوت اسان نٿا ڏئي سگھون، رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آھن ۽ نوجوان سان ملاقات به نٿي ڪرائي وڃي،ھنن چيو ته اگر کنڀي گم ڪيل نوجوان مٿان ڪو ڪيس وغيره آھي ته اھو ظاھر ڪري کيس عدالت سڳورئ ۾ پيش ڪيو وڃي ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد سميت اعليٰ حڪام کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان پورھيت ممتاز علي رند کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي نه ته احتجاج جاري رهندو.