مٽياري/هالا(نمائندن وٽان) ھالا ۾ نئين سال 2025ع جي آمد جي خوشي ۾ ھالا ۾ ثقافتي مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي،شھرين پاران ھالا جي مرحبا ھوٽل ۾ ثقافتي مچ ڪچھري ڪوٺائي نئين سال جي آجيان ڪئي وئي،اڳوڻو ڪائونسلر سدورو ڏاھري،سينگار مھر،محبوب کوکر،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي،مچ ڪچھري ۾ ڏور بيت،ڳجھارتون ۽ شعرو شاعري جا پڻ مقابلا ڪيا ويا، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ عبدالرشيد ڏيٿو، سماجي اڳواڻ سردار اياز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته گزريل سال 2024 ۾ منھنگائي عروج تي ٿئي،مزدور تبڪو ٻن ويلن لاء پريشان رھيو،نئين سال ۾ حڪومت غريبن تي رحم ڪري روز مرحي جي شين جي اگھن ۾ گھٽتائي ڪئي وڃي،ھنن چيو ته 2024 جو سال انتھائي ڏک ۽ تڪليفن وارو گذيو آھي،صدر زرداري 6 ڪئنالن تي صحيح ڪري ڇڏي آھي وفاق پاران 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن،سنڌو درياء مان 6 ڪئنالن کي بچائڻ لاء عوام کي روڊن تي نڪرڻو پوندو،ھنن چيو ته نئين سال 2025 جي اچڻ جي خوشي ۾ مچ ڪچھري ڪوٺائي وئي آھي، مچ ڪچھري سنڌ جي ثقافت آھي ۽ ھي ڪچھري ٻڌي ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي،گزريل سال 2024 جون رنجشون ڏک تقليفون ويساري پاڻ ۾ ڀائيچارو پيد ڪرڻ گھرجي،ان موقعي تي مچ ڪچھري ۾ نوجوان خادم حسين ابڙو، سڪندر علي ڄڙھ، نثار پھنور ۽ ٻين سياسي سماجي مذھبي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.