مٽياري/ھالا (رپورٽر+ن پ ا) هالا ۾ رمضان المبارڪ جي برڪتن ڀريي مهيني ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. منافعي خورن هٿرادو اگھ مقرر ڪري انتظاميا پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ کان ٻيڻا ريٽ وٺڻ لڳا آهن، سبزي مارڪيٽ ۾ ميون، ڀاڄي، مڇي، ڪڪڙ جو گوشت، ٻاڪرو گوشت، شربتن جي شيشن سميت عام واھپي جي شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو، روزيدار ۽ ٻيا شھري ڳاٽي ٽوڙ منھنگائي جي ڪري سحري ۽ افطاري جي لاء ڦل فروٽ خريد ڪرڻ کان محروم ٿي ويا آهن. گولڊن صوف 350 روپيا ڪلو، نارنگي 200 کان 250 روپيه، ڪيلا 150 روپيه کان 200 روپيا درجن، ھنداڻو 170 کان 200 روپيا ڪلو، چڪو 400 روپيا ڪلو ملڻ لڳو آهي. جنرل اسٽورن تي فرح دل شربت 850 روپيا شيشو،جام شيرين 450 روپين تائين وڪامجڻ لڳو آهي، ڀاڄي جي ڳالھ ڪجي ته آلو 100 روپيه ڪلو،ڀنڊي 150 روپيا ڪلو،بصر 70 کان 90 روپين تائين وڪامجڻ لڳو،جڏھن ته مرغي جو گوشت به 700 کان 800 روپيه ڪلو ۽ مڇي 750 روپيه ڪلو، ٻاڪرو 2400 روپيا ڪلو جي قيمتن ۾ وڪامجڻ لڳو آھي.