هالا(ن پ ا)  هالا جي ميمبر ۽ رپورٽر عابد فقير جي وڏي ڀيڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي، مرحومه جي جنازي نماز درگاهه سرورنوح تي ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ هالا ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي رهندڙ مختلف سياسي، سماجي، علمي و ادبي، صحافي ۽ شهري جماعتن جي اڳواڻن سميت مڱڻهار برادري جي ماڻهن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جنازي ۾ شريڪ ماڻهن صحافي ۽ سماجي ورڪر عابد فقير، سندس ڀائرن ماستر مشتاق جهنڊو فقير، محمد ابراهيم فقير ۽ ٻين سان هٿ فاتح ڪندي مرحومه جي مغفرت لاءِ دعا دعاپڻ گهري.