ھالا (ن پ ا) ھالا واسي سولنگي برادري جي ماڻھن ۽ ٻين شھرين ھالا پوليس جي مبينا زيادتين خلاف روڊن تي نڪري آيا مظاھرين پاران ڊي ايس پي ھالا، ايس ايڇ او ھالا پراڻا، ۽ ڀٽ شاھ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا،مظاھرين نوجوان نظيم عرف مسڪين سولنگي کي ڀٽ شاھ پوليس پاران بيگناھ گرفتار ڪري مبينا ھاف فراءِ ڪرڻ جي الزام ھيٺ سولنگي برادري جي ماڻھن ھالا پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي مخدوم ھائوس اڳيان ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، مظاھرين عزير سولنکي،شھباز سولنگي، شڪيل سولنگي ۽ ٻين اڳواڻن ڊي ايس پي ھالا مٿان الزام ھڻندي چيو ته ڊي ايس پي ھالا ڪنھن بااثر شخص جو ونگارو بڻيل آھي جنھن جي چوڻ تي اسان جي بيگناهه نوجوان کي گرفتار ڪري ڪوڙو پوليس مقابلا ڏيکاري ھن کي ھاف فرائي ڪيو ويو آھي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ھاف فرائي ڪيو ويو آھي، معاملي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھالا قومي شاھراھ بند ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.