ھالا (ن پ ا) سروري جماعت تعلقي ھالا جي صدر وڏيري مير چنڊ جي مبينا زيادتين خلاف شوروم مالڪ عبدالغفار راجپوت پنھنجا معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري، موٽرسائيڪل شوروم يونين جي اڳواڻن سان گڏ پراڻو قومي شاھراھ ھالا شيل پيٽرول پمپ وٽان روڊ بند ڪري سخت احتجاج ڪيو. عبدالغفار راجپوت،اسماعيل رند،لياقت راجپوت،رضوان شيخ ۽ ٻين چيو ته وڏيري مير چنڊ 2 سال اڳ مونکان 6 موٽرسائڪلون ۽ ھڪ مھراڻ ڪار وٺي ويو ھو،جنھن مان11 لک 25 ھزار رھيل آھن جنھن کي 2 سال گزرڻ باوجود ھو پيسه ڏيڻ لاء تيار ناھي، ڪورٽ سڳوري وڏيري مير چنڊ مٿان ايف آء آر داخل ڪرڻ جو ليٽر ڏنو آھي،پر مير چنڊ بااثر ھجڻ ڪري ھالا پوليس ھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ان موقعي تي مظاھرين ھالا يونين آف بائيڪ شوروم جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته متاثر عبدالغفار راجپوت سان انصاف نه ٿيو ته ھالا کان قومي شاھراھ بند ڪري سخت ڌرڻو ھڻنداسين.