هالا(ن پ ا) ھالا ڀرسان ڳوٺ غلام حسين لغاري ۾ زرعي زمين تي مبينا قبضو ۽ وڻن جي واڍي خلاف لغاري برادري جي ٻن ڀائرن بااثرن خلاف ھالا ٿاڻي اڳيان سخت احتجاج ڪيو، جڏھن ته اطلاع تي ھالا پوليس موقعي تي پھچي وڍيل سوين مڻ ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڪاٺ وڪرو ٿيڻ کان بچائي ورتو، مظاھرين خميسو لغاري ۽ غلام حسين لغاري الزام هنيو ته ديھه بنگلو تپو ويراتو ۾ اسان جي 36 گھنٽا زرعي زمين موجود آھي، جنھن تي ڪافي وقت کان ڳوٺ جي بااثرن عاشق لغاري،فدا حسين، امداد، رجب لغاري ۽ ٻيا ناحق قبضو ڪري ويٺل آھن،جنھن جي دانھن ڳوٺ جي وڏيرن توڙي ھالا پوليس کي بار بار ڏني آھي پر ڪير به بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، جڏھن ته جوابدارن زمين ۾ پوکيل وڻ پڻ وڍائي لکين رپين جو ڪاٺ بااثرن جي پشت پناھئ ۾ باآسانئ سان وڪرو ڪري رھيا ھئا ته وڻ واڍي جي اطلاع تي فوري طور ھالا پوليس سرزمين تي پھچي سوين مڻ ڪاٺ پنھنجي تحويل ۾ وٺي وڪرو ٿيڻ کان بچائي ورتو جڏھن ته جوابدارن پوليس کي ڏسي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،ھنن ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي مٽياري سميت اعيٰ حڪام کان پرزور مطالبو ڪندي چيو آھي ته چوري جو ڪاٺ خريد ڪندڙ واري خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مٿي ڏياريل جوابدارن کان زرعي زمين جو قبضو واپس ڏياري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، ھالا پوليس موجب ڳوٺ غلام حسين لغاري مان وڍيل ڪاٺ سان ڀريل ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيھاريا آھن ۽ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن، اصل معاملي جي وڌيڪ جانچ ڪئي پئي وڃي.