مٽياري/ھالا(رپورٽر+ن پ ا) رمضان جي بابرڪت مھيني ۾ عام واھپي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو،منافعي خورن پاران پاڻ مرادو ريٽ مقرر ڪري عوام کي ٻنھين ھٿن سان لٽڻ لڳا،ھالا جي سبزي مارڪيٽ ۾ فروٽن سبزين، مڇي، مرغي جي گوشت، شربتن جي شيشن سميت عام واھپي جي شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو،روزيدار ۽ ٻيا شھري ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي ڪري سحري ۽ افطاري جي لاءِ فروٽ خريد ڪرڻ کان محروم ٿي ويا آھن،صوف 300 کان 350 روپيا ڪلو، نارنگي 200 کان 250 روپيا ڪلو،ڪيلا 150 روپيا کان 200 روپيا درجن،ھنداڻو 170 کان 200 روپيا ڪلو ۽ ٻين فروٽن جي ريٽ ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو، صوف 300 کان 350 روپيا ڪلو، نارنگي 200 کان 250 روپيا ڪلو،ڪيلا 150 روپيا کان 200 روپيا درجن ،جڏھن ته مرغي جو گوشت 700 کان 800 روپيا ڪلو ۽ مڇي 750 روپيا ڪلو جي قيمتن ۾ وڪامجي رھي آھي، مھانگائي خلاف ھالا انتظاميا ڪو به قدم ناھي کنيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا ڊاڪٽر مظاھر علي ٻرڙو پاران جاري ڪيل سرڪاري ريٽ لسٽ کي دوڪاندارن ٿڏي ڇڏيو.