هالا / مسوڀرڳڙي (ن پ ا) هالا ۽ مسو ڀرڳڙي ۾ جشن ميلاد جون تقريبون ڪري مقابلاءِ قرات ڪرايو ويو. ان ڏس ۾ گرلس پرائمري اسڪول مسوڀرڳڙي م عيدالميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان تقريب ٿي، جنهن جو مهمان خاص گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مسوڀرڳڙي هيڊ ماستر سائين سچيڏنو قمبراڻي هو ان موقعي تي آجياڻو گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جي هيڊ مسٽريز  ڏنو ، ان بعد اسٽيج جا فرائض مهراڻ خان ڏنا جڏھن ته نعت شريف جا گل شمائله ، صوبيا ، شڪيلا ، ساديا ، ڪرن ، صبيا ، صبا، .نڇاور ڪيا ان بعد نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ولادت با سعادت تي شاگردياڻين مائرا ،سوبيا ، ڪرن روشني وڌي جڏھن ته گرلز مڊل  اسڪول مسوڀرڳڙي جي هيڊ ماسترياڻي ميڊم  رخسانا پريس ڪلب مسوڀرڳڙي جي چيئرمين غلام قادروسير  پڻ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي پاڪ زندگي ۽ ميلاد مصطفيٰ تي روشني وڌي. ٻئي پاسي ھالا جي الڪوثر اڪيڊمي پيرمولابخش ڪالوني جي اسڪول ۾ اسڪول جي انچارج عيدن ٻلال، سيد شاهه جي اڳواڻي ۾ جشن عيد ميلادالنبي جي تقريب ٿي، جنهن ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين حضور صلعم جن جي شان ۾ حمد، نعت ۽ تقريري مقابلا پڻ ڪرايا ويا ۽ بهترين پرفارمنس ڏيندڙ شاگردن عروج فاطمه غفور سميت ٻين شاگردن ۾ گفٽ ۾ شيلڊون ورهايون ويون. جڏهن ته ٻئي طرف ھالا شهر ۾ موجود پرائيويٽ اسڪول ايڊيوڪيٽر ۾ پڻ جشن عيد ميلاد جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي جملي اسٽاف سميت شاگردن ۽ انهن جي والدين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي انچارج ميلاد جي تقريب ۾ حصو وٺندڙسمورن شاگردن کي انعام ۽ مٺائي ڏني ويئي. جڏهن ته ھالا جي  گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۾ مالڪ ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت باسعادت جي خوشيءَ ۾ (عشره رحمت العالمين) جي آخري ڏهاڙي جي موقعي تي گرلز ڪاليج ھالا جي پرنسيپال پروفيسر نگہت سيما شاهه جي اڳواڻي ۾ هلندڙ عشره جي منعقد تقريبن ۾ ڪاليج جي جملي پروفيسرن، فرسٽ ۽ سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻين سميت انهن جي رشتيدار عورتن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.