ھالا (ن پ ا)  ھالا ڀرسان ڪرم خان نظاماڻي شادي تي ويندڙ نظاماڻي برادري جي ماڻھن سان حادثو پيش آيو،گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب مردن، عورتن، ۽ ٻارڙن سميت 21 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن ۾ نازيا نظاماڻي، عليشا، لائبا، صوبيا، فردوس، نوابزادي، فلڪ، سميا،عائشه،زال منصور، معظم، مريم، حليمان، ابو طالب ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي تعلقا اسپتال ھالا آندو ويو، جتان سميا نظاماڻي، سوبيا نظاماڻي، لائبانظاماڻي، مريم، نازيا سميت 7 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.  زخمين جي وارثن اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف احتجاج ڪندي شھزادي نظاماڻي، محمد بخش، عرض محمد نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته تعلقا اسپتال ھالا ۾ ڪابه سھولت نٿي ملي، زخمين لاءِ آڪسيجن، مرھم پٽي سميت ڪي به سھولتون موجود ناھن، تعلقا اسپتال ريفر سينٽر بڻيل آھي، ھنن صحت واري وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تعلقا اسپتال ۾ مڪمل سھولتون فراھم ڪيون وڃن.