هالا (رپورٽ: اڪرم  کوکر) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان پنهنجي جاري علمي ۽ ادبي سرگرمين جي سلسلي ۾  هالا ۾ عيد مشاعرو ٿي گذريو. مشاعري جي صدارت ضلع ڪائونسل مٽياري جي چيئرمين مخدوم احمد الزمان ڪئي، جڏهن ته خاص مهمانن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر سرفراز راڄڙ ۽  ڊاڪٽر اسد جمال پلي هئا، مشاعري ۾ شاعرن، اديبن، دانشورن، صحافين توڙي شاعري ٻڌڻ جو ذوق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مشاعري جي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي  مخدوم احمد الزمان چيو ته سنڌ جي علمي ادبي روايتن جو امين هي مشاعرو هالا ۽ ڀرپاسي ۾  هي ادبي فڪر ۽ فهم  وارو قدم سڄي سنڌ تائين پکيڙيو ويندو. سنڌي ادبي بورڊ جون ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عوام تائين هي نياپو وڃي ته اهي مشاعرا ئي آهن جيڪي امن جا پيامبر آهن، الله پاڪ هي ادبي محفلون ۽ مشاعرا  آباد رکي.  مهمان خاص  ڊاڪٽر سرفراز راڄڙ  چيو ته مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“  سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هي ادبي سلسلو شروع ڪرائي رهيو آهي. اميد ته سندن هي ڪوشش نوجوان نسل ۽ مختلف علائقن ۾ انهن شاعرن ۽ اديبن جي همت افزائي ٿيندي.  اديب ۽ دانشور  ڊاڪٽر مخمور بخاري چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۽ سول سوسائٽي هالا پراڻا گڏجي مشاعري جي روايت کي ڊگهي ادبي ماٺار کانپوءِ ٻيهر جياريو آهي. خميسو خان خانوٺي وگهيو چيو ته  هالا پراڻا ۽ هالا نوان علم ادب روحانيت جو مرڪز رهيا آهن، جنهن لاءِ مخدوم خاندان هميشه  سرواڻي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، سول  سوسائٽي آف سنڌ هالا جي چيئرمين سيد گلفام ڪاظمي چيو ته اميد آهي ته ادبي مشاعرن جو هي سلسلو نئين جوت سان جاري رهندو. مشاعري ۾ سڄي سنڌ مان آيل ناليوارن شاعرن پنهنجون نت نئون تخليقون پيش ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي ۽ شريڪ ماڻهن کان زبردست داد حاصل ڪيو، اهڙي طرح سان مشاعرو رات دير تائين جاري رهيو. .