ھالا (ن پ ا) ھالا ڀرسان سالارو ٿاڻي جي حد سکپور جي ڪچي واري علائقي سنڌو درياءَ جي پاڻي ۾ ھڪ نينگري سميت 3 عورتون ٻڏي ويون جنھن مان ھڪ نينگري ۽ ھڪ عورت جا لاش ڪڍيا ويا جڏھن ته ھڪ عورت کي بيھوشيءَ واري حالت ۾ ڪڍيو ويو آھي، ٻڏي ويلن ۾ 50 ورھين جي بسران زال ميھار،17 ورھين جي ڀنڀوري پيءُ ميھر ماڇي ۽ ھڪ بيھوش عورت گاجو زال نظير ماڇي شامل آھن، جن کي مقامي ٽوٻن ذريعي ٽنھي کي ڪڍيو ويو جن مان ھڪ نينگري ۽ ھڪ عورت فوت ٿي ويون ۽ ھڪ عورت کي بيھوشيءَ واري حالت ۾ تعلقي اسپتال ھالا آندو ويو، جتي ھڪ نينگري سميت ٻن ڄڻن جي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتين جي وارثن مھار ماڇي ۽ ميھر ماڇي ٻڌايو ته ٽئي ڄڻيون سکپور جي ڪچي واري علائقي ۾ گُڏ ڪڍڻ لاءِ ويون ھيون جتي بصري جي ٻج ۾ سنڌو درياءَ جو پاڻي آيل ھو پاڻي مان گذرڻ دوران پاڻي ۾ اندر وڏي کڏ ھجڻ سبب ھڪ عورت ڪري پئي جتي ھڪ ٻئي کي بچائيندي ٽئي ڄڻيون ٻڏي ويون. ان موقعي تي مقامي ماڻھن ۽ ٽوٻن زرعي ٽنھي کي ڪڍيو جنھن مان 17 ورھين جي ھڪ نينگري ڀنڀوري ۽ 50 ورھين جي بصران ماڇي فوت ٿي چڪيون ھيون ۽ ھڪ عورت کي بيھوشيءَ جي حالت ۾ ڪڍيو ويو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد ٻنھي عورتن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته بيھوش عورت کي وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.