ھالا(ن پ ا) ھالا جي گلشن فھيم ڪالوني واسي ڪاشي جي دوڪان تي رنگ جو ڪم ڪندڙ 16 ورھين جو نينگر ڪاشف پٽ فيروز لاکو دوڪان تي ويو ته پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن پاران مختلف ھنڌن تي ڳولا ڪرڻ بعد ھالا ٿاڻي تي پھچي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي،گم ٿيل نينگر جي پيءُ فيروز لاکو ٻڌايو ته 16 ورھين جو نينگر ڪاشف لاکو صبح جو دوڪان تي ڪاشي جي رنگ جو ڪم ڪرڻ لاء ويو ته جتان ھن محل تائين واپس ناھي آيو،سندس مٽن مائٽن،دوستن ۽ علائقي ۾ ڳولا ڪرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو،سندس پيءِ ٻڌايو ته جنھن دوڪان تي نينگر ڪم ڪندوآھي ان دوڪان جي مالڪ کان به پڇا ڪئي آھي،جنھن ٻڌايو ته نينگر دوڪان کان ھيٺ لھي ڪنھن سان ويو ھو جتان ھن محل تائين واپس ناھي آيو،نينگر جي پيءَ فيروز لاکو چيو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي اسين غريب مزدور آھيون ،گُم ٿيل نينگر جي پيءَ ضلعي مٽياري پوليس انتظاميا سميت وس وارن کان اپيل ڪئي آھي ته گم ٿيل نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي،ھالا ايس ايڇ او موجب نينگر ڪاشف لاکو ڪاشي جي دوڪان تي رنگ جو ڪم ڪندو ھو اتان گم ٿيو آھي مختلف ھنڌن تان ڳولا ڪئي پئي وڃي تمام جلد نينگر جي ڳولا ڪري سندس وارثن حوالي ڪيو ويندو.