نيوسعيدآباد (ن پ ا) ھالا جي شھدادپور چونڪ وٽان مبينا طور ٻن عورتن پاران اغوا ڪيل ٻن معصوم نينگرين مان ھڪ نينگري ذڪيا ڌيءُ محب ماڇي اغوا ڪارن جي  چنگچي مان دانھون ڪري فرار ٿي مين پرائمري سنڌي اسڪول اندر پناهه ورتي،  جڏھن ته ٻي نينگري شبيران ماڇي کي اغوا ڪار عورتون کڻي ويون، اغوا کان بچي ويل 09 ورھين جي ذڪيا  ڌيءُ محب ماڇي ٻڌايو  ته اسين شھدادپور چونڪ ريلوي ڪالوني ھالا جون رھواسي آھيون، چنگچي پٺيان پنھنجي گھر وڃڻ لاءِ چڙھياسين ته چنگچي اندر ويٺل ٻن برقعا پوش عورتن اسان کي قابو ڪري مٿان ڪپڙو وجھي ڇڏيو ۽ چنگچي تيز رفتاري سان ھلڻ لڳي اسان دانھون ڪيون پر چنگچي نه بيٺي جڏھن چنگچي نيوسعيدآباد شھر اندر پھتي ته آئون موقعو ڏسين چنگچي مان جمپ لڳائي لھي پيس، هوڏانهن مبينا طور اغوا ٿيل نينگري شبير ماڇي به ڊرامائي انداز ۾ نيوسعيد آباد ۾ ناناڻن وٽ پهتي، جتان کيس پنهنجي گهر هالا اماڻيو ويو، شبيران ماڇي ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ عورتن ذڪيا ماڇي فرار ٿيڻ بعد ٿورو اڳتي ھلي کيس ڇڏي ڏنو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او نيوسعيدآباد ٻڌايو ته اغوا جو واقعو ناهي ٿيو، ڇوڪريون پنھنجي حساب سان رلنديون اچي نيوسعيدآباد ۾ نڪتيون آھن، واقعو ھالا ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو آھي وڌيڪ جانچ ھالا پوليس ڪندي.