ھالا (ن پ ا)  هالا ويجهو ڳوٺ پيارو خان کوسو جي گورنمينٽ پرائمري حاجي قادر بخش کوسو اسڪول جي عمارت  10 سالن کان زبون حال بڻيل آهي، جنهن سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، ٻي طرف اسڪول جي عمارت جي مرمت نه ٿيڻ،  فرنيچر جي کوٽ ۽  استاد نه هجڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  حسين کوسو، دودو کوسو، خان محمد کوسو، يار محمد کوسو، عرفان، فاطمه  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  اسڪولي عمارت زبون حال بڻيل آهي، جنهن سبب شاگردن جي تعليم متاثر پئي ٿي، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي اسڪول جي مرمت ڪرائي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.