ھالا(ن پ ا) هالا ۾ موٽرسائيڪل شوروم يونين ھالا پاران شوروم مارڪيٽ بند ڪري وفاقي حڪومت خلاف سخت احتجاج ڪندي سنڌو درياء تي ڌاڙي خلاف نعريبازي ڪئي وئي،احتجاج ڪندڙ موٽرسائيڪل يونين ھالا جو صدر محمد اسمائيل رند،سينئر نائب صدر ارباب علي نظاماڻي،جنرل سيڪريٽري محمد عمران راؤ،نائب صدر رضوان علي شيخ،اطلاعات سيڪريٽري لياقت علي راجپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌو درياء مان نوان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ ۽ زمينن جي والار وارن منصوبن کي رد ڪيون ٿا،تڪراري ڪئنالن خلاف مختلف مڪتب مڪر سان تعلق رکندڙ سنڌ جو ٻچو ٻچو سراپاء احتجاج آھي پر وفاق پنھنجي ھوڏ تان لھڻ لاء تيار ناھي،ھنن چيو ته سنڌ جي عوام کي بيوقوف ڪري پيپلزپارٽي سنڌ جا سمورو منصوبا کپائي ڇڏيا آھن ھاڻي وري پاڻي جو به سودو ڪيو ويو آھي جيڪو ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو،سنڌو درياء مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيندي ۽ سنڌ جا ماڻھون بک بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، پاڻي انسان جو واحد جياپو زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي،اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٻٻرلوء باء باس تي جيڪو وڪيلن جو ڌرڻو لڳل آھي ان ڌرڻي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا،ھنن وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته سنڌو درياء مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.