ھالاڻي (ن پ ا) ھالاڻي ڀرسان پير مخدوم موڙ وٽ ڪورولا ڪار کي ٻئي ڪورولا ڪار جو زوردار ٽڪر، ھڪ ڪار ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي، محرابپور جو رھواسي ناظم ۽ عمران ملڪ سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ھالاڻي اسپتال پھچايو ويو. پ پ ايم اين اي سيد ابرار علي شاهه فوري طور تي اسپتال پھچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ ڊاڪٽرن کي عيد جي ڏينھن ۾ اسپتالن ۾ ھر حال ۾ موجود ھجڻ جون ھدايتون ۽ مريضن جو خاص خيال رکڻ جون ھدايتون ڪيون.