دادلغاري (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي جو ننڍو ڀاءُ ھالار پتافي پ پ ۾ شامل ٿي ويو، ان ڏس ۾ اڳوڻي ايم پي اي مرحوم سردار احمد علي پتافي جو سياسي جانشين جي ڊي اي اڳواڻ ھالار پتافي جي ڊي اي جي گروپ کي آلودع ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي، سردار علي گوھر خان مھر جي پ پ ۾ شموليت بعد  سندس جي گروپ اهم اتحادي  هالار پتافي ڪراچي ۾ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري باضابطه طور پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آھي، ان حوالي سان پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هالار پتافي  پ پ ۾ شموليت جي تصديق ڪندي چيو ته منهنجو مرحوم بابا احمدعلي خان پتافي به پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ هيو ۽ مان به پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آھي، هن چيو ته پيپلزپارٽي  عوامي پارٽي آھي موقعو مليو ته گهوٽڪي جي عوام جي خدمت ڪندس، ٻي طرف هالار پتافي جي شموليت دوران سيد بچل شاھ ۽ ضياءَ لنجار به شريڪ ھئا. واضح رھي ته ھالار  پتافي گذريل مڪاني چونڊن ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي کي گھر جي يوسين تي انتهائي بدترين شڪست ڏني هئي.