مائونٽ مينگنوئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني آل رائونڊر خوشدل شاهه نيوزيلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ شڪست کانپوءِ آپي مان نڪري ويو ۽ ميدان ۾ موجود تماشائين تي ڪاوڙ ڪندي نظر آيو. سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۽ تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خوشدل شاهه ڪاوڙ ۾ تماشائين ڏانهن وڌي رهيو آهي، هي واقعو ڪيئن ۽ ڪڏهن پيش آيو ان حوالي سان في الحال تفصيل سامهون ناهن آيا. خوشدل شاهه جي ردعمل واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ يا ٽيم مئنيجمينٽ طرفان واقعي بابت جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، واضح رهي ته نيوزيلينڊ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪندي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو .مائونٽ مينگنوئي ۾ کيڏيل ٽِين ۽ آخري ون ڊي ۾ به نيوزيلينڊ پاڪستان کي 43 رنسن تان شڪست ڏيندي ٽن ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو. نيوزيلينڊ طرفان ڏنل 265 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي پاڪستاني جي بيٽنگ لائين هڪ ڀيرو وري ناڪام ٿي ويئي ۽ پوري ٽيم 40 هين اوور ۾ 221 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.