مٽياري/ڀٽ شاهه(رپورٽر+ن پ ا) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف 16 فيبروري تي ڀٽ شاهه ۾ ملڪگير هاري ڪانفرنس جون تياريون جاري آهن، ان سلسلي ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊئي جي صدارت اجلاس ڀٽ شاھ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري دريا خان زئور، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، اسماعيل خاصخيلي، علي نواز ڏاهري، اظهار دائودپوٽو، عالم لغاري، ڍول فقير، مظهر ميرجت ۽ ٻين شرڪت ڪئي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي سهڪار سان پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي ڪانفرنس کي سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب جا هاري اڳواڻ خطاب ڪندا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ جدوجهد جو درس ڏئي ٿو، سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌو درياهه جي حفاظت لاءِ لطيف جي نگري ۾ ملڪگير هاري ڪانفرنس ڪئي ويندي. هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين سميت سموري ملڪ جي 48 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن. زمينن تي قبضا ڪري زمينون غير ملڪي سرمائيڪارن کي ڏنيون پيون وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌين کان پنهنجن ابن ڏاڏن جون زمينون ڦريون پيون وڃن، سرائيڪي بيلٽ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کان به زمينون ڦريون پيون وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ملڪ وڪڻڻ جا منصوبا آهن، هنن منصوبن خلاف سموري ملڪ جي ترقي پسند ڌرين جي گڏيل آواز جي ضرورت آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن، هاڻي هي احتجاجي تحريڪ ملڪگير تحريڪ ۾ تبديل ٿي رهي آهي، ڇهه نوان ڪئنال رد ڪرائڻ تائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو. ٻي طرف ايس ايس ٽي ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ طرفان ڀٽ شاهه جي آس پاس جي علائقن ۾ چاڪنگ ڪرڻ، وال پوسٽر لڳائڻ ۽ هينڊبل ورهائي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.