اسلام آباد: ناڻي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف آڪٽوبر 2022ع ۾ ڪسان پيڪيج ڏنو هو جنهن تحت ايندڙ سال اسڪيم لاءِ 5 ارب مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، ان قدم سان نجي شعبي جي سيڙپڪاري مان فائدو کنيو ويندو، زرعي پيداواري صلاحيت وڌائي ويندي.