حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ 300 کان وڌيڪ عارضي ملازمن جون جعلي ڀرتيون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. انتظاميا پاران ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ 7 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جي ادائيگي به ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي ۽ سوين عارضي ملازمن جي غير مجاز مقرري ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان مجاز اختيارين جي هوشيار ٿيڻ بدران غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ جنرل فنانشل رولز موجب عارضي خرچ جهڙوڪ پارٽ ٽائيم ملازمن جي ڀرتي/ مقرري لاءِ ڪري سگهجي ٿو. اسلام آباد ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي انتظاميا مالي سال 21-2022ع دوران 303 عارضي ملازمن (Contingent Paid Staff) جي ڀرتي/ مقرري تي 70.070 ملين رپيا پگهارن جي مد ۾ خرچ ڪيا. دستاويزن موجب 303 مان 39 عارضي ملازم (سي پي ايس) بي پي ايس-6 کان بي پي ايس-17 ۾ ڀرتي ڪيا ويا ۽ انهن جي پگهارن جي ادائيگي تي 16.248 ملين رپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته بي پي ايس-6 کان بي پي ايس-17 ۾ عارضي ملازم (سي پي ايس) جي ڀرتي ۽ انهن جي پگهارن جي ادائيگي تي خرچ جو عمل جنرل فنانشل رولز جي قلمن جي ڀڃڪڙي هو ۽ اهو غير قانوني آهي. ان ڏس ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان سفارش ڪئي آهي ته غير قانوني عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اختيارن جي غلط استعمال جي ذميواري جو تعين ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ملازمن جي ضرورت آهي ته انهن کي مستقل بنيادن تي مقرر ڪيو وڃي.