اسلام آباد(م ڊ) هاءِ ڪورٽ ۽ آئيني بينچز جي ججز جي چونڊ لاءِ طريقيڪار طئي ڪرڻ بابت جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي. رپورٽن موجب، ڪاميٽي ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ به شامل آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان فاروق ايچ نائيڪ ۽ مخالف ڌر طرفان سينيٽر علي ظفر کي ڪاميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي لاءِ احسن ڀون کي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته نياز محمد خان کي ڪاميٽي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي ججن جي چونڊ بابت سفارشون تيار ڪندي.