ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي کنڀيلن جا پاڻمرادو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پوليس ۽ ٻين ادارن کان چئن هفتن ۾ رپورٽ به طلب ڪري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث پوليس وٽ اچن يا نه ؟ پوليس انھن واقعن جو پاڻ ڪيس داخل ڪري، جيڪڏهن ڪو شهري گم آهي ته رياست جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي، اها پوليس جي ذميواري آهي ته ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري، عدالت سچل جي علائقي مان گم ٿيل شهرين راشد ۽ نسيم جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،