حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڄامشورو ايم نائين ٽول پلازه وٽ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل ٽرالر ڊرائيور اعجاز جٽ جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت جوابدار گل محمد بروھي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس امجد سھتو تي مشتمل سنگل بينچ ۾ جوابدار گل محمد بروھي پنھجي وڪيل ايڊوڪيٽ الطاف سچل اعواڻ معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڄامشورو پوليس دشمني تي گل محمد بروھي جو نالو جوابدار طور شامل ڪري کيس ڦاسايو آهي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار خلاف اوھان وٽ ڪھڙو ثبوت آھي جنهن تي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته اسان وٽ ڪو به ثبوت ناهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار گل محمد بروھي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت 30 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته 19 جنوري 2024ع تي ڄامشورو ايم نائين ٽول پلازه وٽ ڦر دوران مزاحمت تي ٽرالر ڊرائيور اعجاز جٽ قتل ٿيو ھو. ڊرائيور جي قتل ۽ بدامني خلاف سنڌ جي ٽرانسپورٽرن پاران واقعي خلاف ايم نائين موٽروي تي ڌرڻو ھنيو ھو. ڄامشورو پوليس 5 نامعلوم ماڻھن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي.